The role of women in Sindhi society

Sorathh used to share the crown with Raai Ddiyaach in their monarchy, hence proving the gender equality”

Suhinni being married, dared to remain in relation with Mehaar, yet not killed for the sake of honour proven the freedom of expression.

“Maaruee even being kidnapped was not forcefully married hence discouraging the force marriages”

“Moomal being caught sleeping with soomal in diguise of Seetal Raai, was not killed. Hence denying the Karo kaari on behalf of doubts”

“Sasui wandered throughout Bhambhor to Pabb lonely yet not any male harassed her upto the borders of Sindh. Hence preserving the social rights”

  • This is the Culture of Sindh, taught by Latif.
    Writtedn by: Barkat Noonari and translated by Anaisha Ahmed

سنڌي سماج ۾ سورٺ راء ڏياچ سان گڏ تخت تي ويھندي ھئي. (عورت ۽ مرد جي برابري)
سُھڻيءَ شادي شدہ ھجڻ جي باوجود ميھار سان عشق ڪيو پر کيس ڪاري ڪري ماريو نہ ويو. (انساني جذبن جو احترام)
مارويء کي اغوا ڪرڻ جي باوجود جبري شادي نہ ڪئي وئي. (جبري شاديء جو انڪار)
مومل کي سيتل راء جي روپ ۾ سومل سان گڏ سمھيل ڏسي بہ قتل نہ ڪيو ويو. (شڪ جي بنياد تي ڪاروڪاريء جو انڪار)
سسئي اڪيلي سر ڀنڀور کان پٻ جو سفر ڪيو پر سنڌ جي سرحدن تائين ڪنھن مرد کيس تنگ نہ ڪيو. (سماجي تحفظ)
سنڌي ثقافت تہ اھائي آھي جيڪا مرشد لطيف سيکاري
ليکڪ؛ ڊاڪٽر برڪت نوناري

Note: Above material is adopted from social media

One thought on “The role of women in Sindhi society”

  1. (1) “سنڌي سماج ۾ سورٺ راء ڏياچ سان گڏ تخت تي ويھندي ھئي. (عورت ۽ مرد جي برابري)”

    چوندا آهن ڪوڙ ڪنهن جي پيءُ جو ناهي، ۽ ڊاڙ هڻڻ کان ڪنهن به وات کي روڪي نٿو سگهجي، پر ڪنهن به دعويٰ ڪرڻ تي دعويدار کان ثابتي گهري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ اعتبار ايڏو آسان ناهي جو هر حوال ڪٽڻ واري کي ملي وڃي.

    #پهرين ڳالھ ته ٻن فردن جي معاملي کي توهان سماج سان تعبير ڪيئن ٿا ڪريو؟ سورٺ جو راءِ ڏياچ سان تخت تي گڏ ويهڻ مان بادشاه جو زال سان پيار ته ثابت ٿي سگهي ٿو پر سماج ۾ مرد ۽ عورت جي برابري ان مان ثابت ڪٿان ٿي ٿئي؟ سماج صرف بادشاھ ۽ ان جي راڻي کي ته نه چئبو آهي. ان زماني جي سنڌ ۽ بادشاهي اڄوڪن ڪيترن ملڪن جيتري هئي، ايڏي سماج ۾ باقي عورتن جي برابري توهان ڪٿان ثابت ڪندئو؟

    #ٻين ڳالهه ته سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي برابري به رڳو ڀر ۾ ويهارڻ جي حد تائين هئي يا حڪمراني ۾ به هئي؟ مثال جي طور تي ڏينهن جو ڏياچ بادشاه هوندو هجي رات جو راڻيءَ جي هلندي هجي، يا هڪ هفتو هن جو حڪم هلندو هجي ته ٻئي هفتي هوءَ حڪم هلائيندي هجي؟ يا درٻار ڪڏهن راءِ لڳائيندو هجي ته ڪڏهن راڻي لڳائيندي هجي، ٻنهن جي حڪم تي هڪجيترو عمل ٿيندو هجي؟ يا حڪمراني لاءِ هنن ۾ حدون ۽ علائقا ورهايل هوندا هجن؟
    حملن جي صورت ۾ دفاع ۾ نيزي بازي، يا تلوار کڻي ميدان جنگ ۾ ويڙھ جي قيادت ڪڏهن راءِ ڏياچ ته ڪڏهن سورٺ ڪئي هجي؟ يا حملا ۽ ڪاهون ڪنهن طرف راجا ڪندو هجي ڪنهن طرف راڻي ڪندي هجي؟

    تڪڙ ڪري دعويٰ ته ڪري ڇڏيوَ پر اسان کي اهو ته ٻڌايو برابري ڪڇ ۾ ويهارڻ واري هئي يا دائره ڪار ۽ آزادين ۾ به هئي؟ جي دائره ڪار ۾ به هئي ته اهي دائرا ۽ ڪم ڪار ٻڌايو، آزادين ۾ به هئي ته آزادين ۽ انهن جي استعمال جا اعتبار جوڳا ريفرنس ڏيو. باقي موڊ وقت ڪڇ ۾ ويهارڻ واري برابري ته سنڌي سماج ڇا، هر سماج ۾ اصل کان اڄ تائين هردور ۾ هر عورت کي حاصل رهي آهي.

By using this service you agree not to post material that is obscene, harassing, defamatory, or otherwise objectionable. Although IAOJ does not monitor comments posted to this site (and has no obligation to), it reserves the right to delete, edit, or move any material that it deems to be in violation of this rule.