Cops learn Sindhi to bridge communication gap
Saturday, April 11, 2009 at 12:39:10 PM
by Alka Joshi, Mumbai
Courtesy: MumbaiPulses
In an attempt to reduce communication gap, police personnel from Ulhasnagar, Ambernath and Badlapur are learning Sindhi. The classes that started sometime back now have 40 students from seven police stations of Zone IV, crime branch and the traffic police.
The brainchild of commissioner of Police from Thane and DCP of zone IV, the course will continue for the next three to four months.
“More than 60 per cent population of Ulhasnagar speaks Sindhi and learning it will make interaction much easier with the residents,” informed DCP Sanjay Yenpure from Zone IV.
The classes are organised once in a week i.e. either on Thursday or on Saturday from 9 am to 5 pm. Majority of the students are mainly from detection branch or confidential branch as they have to deal with public very often.
PSI Suresh Bendre from central police station said, “Some of the local residents cannot understand and speak Hindi or Marathi and we don’t understand Sindhi and this gives rise to communication gap. This class will help provide better services to the residents.”
Residents are being very supportive and the teachers are not charging for their services. “The response from locals is tremendous – they are gifting us with Sindhi to Hindi dictionaries and books to help us learn the language.
We have decided to gift our teachers something after the completion of the course,” informed senior police inspector UP Bangar from the central police station.
Policemen are learning the language with the help of devnagri script. “Sindhi is written in the ‘Farsi’ script i.e. from right to left. For now we are concentrating on spoken language as it is not possible to learn the script in such a short time. However, we will surely try to write Sindhi, after learning how to speak,” said Bangar.
J S Nagrare, PSI from Badlapur police station said, “I am very fond of the language and it is easy to learn.” G B Mhsne from detection branch of Ambernath said, “Sindhi is similar to Hindi and we will definitely become skilled at it.”
The tutors are also satisfied with the positive response. “We have started with the very basics and they are fast learners,” informed Asudomal Mohnanai, one of the teachers.
The DCP informed that after completion of this Sindhi course, they will organise Urdu classes.
domkalplus@gmail.com
Courtesy and Thanks: MumbaiPulses
http://www.mumbaipluses.com/DombivaliKalyanplus/index.aspx?page=article§id=1&contentid=20090411200904101239104742848d385§xslt=&comments=true
سنڌ جي قديم جاگرافيائي نقشي جي دريافت
قاسم علي شاه
ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ هڪ نامعلوم عرب جاگرافيدان لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 12ع صدي جي آخر ڌاري يا 13ع صدي جي وچ ڌاري مصر ۾ مرتب ڪيو ويو هو. هيءُ ڪتاب پراڻن ڪتابن جي هڪ واپاري سئم فاگ کي هٿ لڳو. هن واپاري 2002ع ۾، ان ڪتاب کي 100000 هڪ لک پائونڊن ۾ بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ کي وڪڻي ڏنو ۽ جامع آڪسفورڊ، هن ڪتاب کي پنهنجي پروجيڪٽ ۾ شامل ڪري، هن ۾ ضروري واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ دنيا جا ٻه نقشا ۽ چند ٻيا جاگرافي جا نقشا ۽ تصويرون ڏنيون آهن. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌوجو قديم نقشو ڏنو ويو آهي. سنڌ جو هيءُ نقشو ٿٻيٽ(تبت) کان شروع ٿئي ٿو ۽ هندي سمونڊ تائين واقع قديم تاريخي ماڳن جي واقفيت ڏئي ٿو.
هن ڪتاب جو ليکڪ هڪ نامعلوم عرب آهي، هي لکي ٿو ته مون هن سائنس جو بيان، عظيم فلسفيدانن ۽ اعليٰ ڄاڻ رکندڙ عالمن، جهڙوڪ جعفر بن محمد البلخي، محمد بن ابرهيم فرازي، خالد بن عبدالمالڪ مرُورُودي، محمد بن موسيٰ الخوارزمي، سند بن علي، حبش الله بن عبدالله، الحسن بن مصباح، بني نوبخت ۽ ٻين جي حڪايتن مطابق ڪيو آهي، مون سندن حڪايتن کي صفائي ۽ وضاحت سان پيش ڪيو آهي، شال ڌڻي سڳورو مون کي ڪامياب ڪري ۽ دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ مون کي ان ۾ سچائي ۽ مهارت ڏئي!
هن ڪتابَ ــ ڪتاب غرايب الفنون و مُلح العيون“ جو ذڪر ، مون سنڌ جي تاريخ تي دسترس رکندڙ، نامور محقق ۽ اديب سائين عبدالقيوم صائب سان ڪيو. تنهن هدايت ڏني ته مذڪوره ڪتاب ۾ ڏنل قديم سنڌ جي نقشي سان لاڳاپيل گهربل ڄاڻ، جيڪا هجيم، سا لکي اچان!. سنڌ جي قديم نقشي جي جملي وضاحتون ۽ تشريحون بوڊليئن لائبريري طرفان جاري ڪيل آهن . تن کي سامهون رکي نوٽس لکيا اٿم ـ مقصد اهو هو ته 800 سو سال قديم سنڌ جي نقشي کي، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي سان اُنسُ رکندڙ فردن کي، هن قديم نقشي کان آگاه ڪيو وڃي ۽ کيس وڌيڪ اڀياس هيٺ آندو وڃي. سنڌ جي جاگرافيائي حدن جا ڄاڻون هڪ ئي راءِ سان سهمت آهن ته سنڌ جون حدون، قنوج(ڪنياڪُبجا) تائين ڦهليل هيون. تنهن زماني ۾ قنوج جو شهر ننڍي کنڊ لاءِ مکيه تجارتي ۽ واپاري مرڪز رهيو هو. هتي ڪيتريون ئي مارڪيٽون ۽ قصبا هئا . انهن ڏينهن ، عربن جي آمد وقت قنوج جو راجا راءَ هرچندر هو. هيءُ شهر اتر ۽ اتر ــ اوله هندوستان جي راڄڌاني هو . 9ع صدي ڌاري گُرجرَ ــ پَرتيهارَ گهراڻي جا فردَ هن شهر تي حاڪم هئا . کين 370 بوُداد؟ ۽ 2500 هاٿي هئا . قنوج کي محمود غزنوي 1018ع ۾ تاراج ڪري ڇڏيو . سنڌ کان قنوج ويندڙ شاهراه تي هيٺيان شهر آباد هئا . جهڙوڪ تطيز ، داوربور ( ديپالپور) ايروي ، دوراز ، باناشور ( ٿانيسور) سوروه ، مهروه ، بروَر ۽ قنوج کان چين ويندڙ رستو بابِ چينchina gate)) کان ٿيندو چين جي شهر شِيان ۾ داخل ٿيندو هو. قنوج جي اتر طرف فريان ( اله آباد) بنارس ، نقذ ( پٽنا) ۽ اڳيان ولهاس (لهاسا ـ تبت ) ۽ باب چين آباد هئا .
ڪتاب جي خالق جاگرافيدان نشاندهي ڪئي آهي ته ساحل هند تي ديبل ـ سندان ـ نيرون آباد هئا. ان وقت منصوره عربن جو مکيه شهر ٿي ويو هو . کيس اڳ ۾ برهمڻ آباد چوندا هئا . هن شهر کي 771ع ۾ راڄڌاني جو درجو ڏنو ويو. عباسي بادشاهت جي عرب گورنر عمر بن حفص بن ابي سوفره المُهَلبِي، عباسي خليفي المنصور جي نالي جي مناسبت سان ، هن شهر جو نالو منصوره رکي ڇڏيو . (مسعودي)
هن ماهر جاگرافيدان ڄاڻايو آهي ته سنڌو کي 6 ٻيون نديون هيون . هيءُ درياه جبال اڪبيت
( هماليه ٿٻيٽTibet ) مان وهي نڪري ٿو ۽ سندس منزل ساحل هند آهي . هن ملتان بابت لکيو آهي ته هيءُ شهر سون جو کلندڙ دروازو آهي، هن شهر ۾ حجاج بن يوسف جو ڀاءُ محمد بن يوسف فاتح ٿي، داخل ٿيو هو . تنهن هتان 400 بهار سون لٽيو ۽ هڪ بهار هڪ مڻ جي برابر هو . هن نقشي ۾ نوٽنگ ڪندي تحرير ڪيو آهي ته ملتان شهر کي هڪ لک ڳوٺ هئا ، ملتان جي حدن اندر تطيز شهر جا رهواسي بت پرست هئا ۽ هن لکيو آهي ته هن شهر جو اصل نالو مولتان (مولسٿان) هو ۽ هتي يحيٰ نبي رهيو هو ، هتان هندوستان جي پهرين حد شروع ٿئي ٿي . هي شهر مسلم سنڌ جو مکيه مرڪز ۽ سينٽرل سنڌ جو دارالخلافه هو . ملتان کان 124 ميل پري اتر ـ اوڀر ۾ داور بور ( ديپالپور) شهر واقع هو . جتان هڪ ندي نڪري سنڌو کي ڀرتي ڪندي هئي . هتي جي راجائن کي بوُره جي لقب سان سڏيو ويندو هو . ( مسعودي)
جاگرافي نه رڳو وسيع ميدانن ، اوچن جبلن ، درياهن ۽ سمونڊن ، بيابانن ۽ جنگلي ٻيلن جو اڀياس آهي پر اهو ماڻهن جي قسمين قسمين ثقافتي سٿن ۽ مالي مٽا سٽا جو پڻ تذڪرو ڪري ٿو . اهو فطرت ، مخلوقات ، وسيع زمين ۽ انسانن جي مختلف نسلن جي وچ ۾ قائم ٿيل گهرن لاڳاپن جي پڻ تشريح ڪري ٿو . اهڙن تواريخي ۽ جاگرافيائي لاڳاپن کي هڪ علم دوست ، پرک رکندڙ ڏاهو قسم قسم جي علمن جي خزانن کي ڪاغذن تي لکي، ايندڙ وقت ۾ علم سان چاه رکندڙ انسان لاءِ محفوظ ڪري وڃي ٿو ته جيئن ڪوبه علم جو طالب ان مان فيض پرائي سگهي . اسان ان نامعلوم عرب عالم کي وساري نٿا سگهون ، جنهن پهريون ڀيرو سنڌ جو ابتدائي جاگرافيائي نقشو ٺاهي دنيا کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو ، ڪتاب جو نالو به ائين ئي ظاهر ڪري ٿو. مثلن ـ اکين کي حيرت ۾ وجهندڙ ۽ عجيب مهارتن جو ڪتاب يعني ــ ڪتاب غرايب الفنون ومُلح فنون
هن ڪتابي نسخي تي هڪ دستخط الفقير مصطفيٰ المعروف بڪبري زاده جو ۽ ٻيو دستخط ڪتاب جي مالڪ يحيٰ بن محمد الملاح جو ٿيل آهي . هيءُ ڪتاب بوڊليئن ڪتبخاني، جامع آڪسفورڊ ۾ رکيل آهي، جنهن جو ڪئٽلاگ نمبر MS Arab c 90 آهي . هن کان اڳ ابن حوقل 943ع ۾ سنڌ جو جاگرافيائي نقشو پڻ پيش ڪيو هو .